رانديون

پنڊي ٽيسٽ، آسٽريليا 2 وڪيٽن تي 271 رنسون ٺاهي ورتيون

پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ پنڊي جي ميدان تي جاري پهرين ٽيسٽ ڊرا ٿيڻ ڏي وڌي رهي آهي. جڏهن تھ موسم خراب ٿيڻ تي ٽئين ڏينهن واري راند کي وقت کان اڳ روڪي ختم ڪيو ويو آهي. ان کان پاڪستان جي 476 رنسن جي موٽ ۾ آسٽريليا جي ٽيم ٽئين ڏينهن جي راند ۾ اوپنرن جون اهم وڪيٽون وڃائي ڇڏيون آهن. جڏهن تھ عثمان خواجا 97 رنسن جي وڏي اننگ کيڏي رن آئوٽ ٿي ويو، ڊيوڊ وارنر 68 رنسن تي ساجد خان هٿان بولڊ ٿي واپس هليو ويو. بعد ۾ مارنس ليبوشين اچي اسڪور کي سنڀاليو ۽ هن اسٽيو سمٿ سان گڏجي شاندار راند کيڏي آهي. جڏهن تھ هن وقت مارنس ليبوشين 69 رنسن ۽ اسٽيو سميٿ 24 رنسن سان اسڪور کي اڳتي وڌائڻ جي نيت سان پچ تي اڃا تائين موجود آهن. هوڏانهن ٽئين ڏينهن جي راند دوران روشني گهٽ ٿيڻ تي امپائرن فيصلو ڪري راند کي وقت کان اڳ ختم ڪري ڇڏيو. آسٽريليا مٿان پاڪستان جي 205 رنسن جي ڀرتري اڃا رهيل آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button