پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ جاري پهرين ٽيسٽ جي ڊرا ٿيڻ جا امڪان چٽا ٿي ويا آهن، چوٿين ڏينهن جي راند ۾ راولپنڊي جي ميدان تي آسٽريليا 449 رنسن تي 7 وڪيٽون وڃائي ڇڏيون آهن. جڏهن تھ نعمان علي اڄ وڌيڪ 3 وڪيٽون ورتيون آهن. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ پنڊي ٽيسٽ جي چوٿين ڏينهن جي راند برسات سبب دير سان شروع ۽ خراب موسم ۾ جلد ختم ڪئي وئي آهي. آسٽريلوي بيٽرن مان مارنس ليبوشين 90 رنسن جي وڏي اننگ کيڏڻ ۾ ڪامياب ٿيو، اسٽيو سمٿ 78 ۽ ڪيمرون گرين 48 رنسن سان نمايان رهيا. جڏهن تھ ٽريوس هيڊ 8، ايلڪس ڪيري 19 تي آئوٽ، مچل اسٽار 12 ۽ ڪمنز 4 رنسن سان پچ تي اڃا موجود آهن. پاڪستان جي آسٽريليا مٿان 27 رنسن جي برتري اڃا رهيل آهي. هوڏانهن پاڪستاني بالرن نعمان علي 3، مان نسيم شاهه ۽ آفريدي هڪ، هڪ وڪيٽ ورتي آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close