آسٽريليا خلاف 51 سالن بعد پاڪستان جي اوپنرن عبداللھ شفيق ۽ امام الحق وڏو رڪارڊ ٺاهي ورتو آهي. ميڊيا مطابق آسٽريليا خلاف پنڊي جي ميدان تي کيڏيل پهرين ٽيسٽ 24 سالن بعد ٿي آهي، جنهن ۾ پاڪستان جي اوپنرن امام الحق ۽ عبداللھ شفيق ٽيسٽ جي ٻنهي اننگز ۾ سنچري اسڪور جي پارٽنرشپ ٺاهي آهي، جيڪو 51 سالن بعد وڏو رڪارڊ آهي. ان کان اڳ 1971ع ۾ آسٽريليا جي اوپنرن جان ايڊرچ ۽ جيوفري بائيڪاٽ اهڙو رڪارڊ پنهنجي نالي ڪيو هو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close