راولپنڊي: ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي رڪارڊ بڪ ۾ ڪيتريون ئي نيون انٽريون داخل ٿي ويون، جڏهن ته امام الحق ٻنهي اننگز ۾ سينچريون اسڪور ڪندڙ 10 هون پاڪستاني بڻجي ويو آهي. راولپنڊي جي ڊيڊ پچ تي رنسن جي انبارن ڪيترائي رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيا، جڏهن ته امام الحق ٻنهي اننگز ۾ سينچريون اسڪور ڪندڙ 10 هون پاڪستاني بڻجي ويو. ان کان اڳ حنيف محمد 1962 ۾ انگلينڊ خلاف، جاويد ميانداد 1984 ۾ نيوزيلينڊ خلاف، وجاهت واسطي 1999 ۾ سريلنڪا خلاف، ياسر حميد 2003 ۾ بنگلاديش خلاف، انضمام الحق 2005 ۾ انگلينڊ خلاف، انضمام الحق 2005 ۾ انگلينڊ خلاف، محمد يوسف 2006 ۾ اهو ڪارنامو ويسٽ انڊيز خلاف انجام ڏنو هو.
جڏهن ته يونس خان، مصباح الحق ۽ اظهر علي اهو اعزاز 2014ع ۾ آسٽريليا خلاف کٽيو هو. اڌ صدي کانپوءِ پاڪستاني اوپنرن آسٽريليا خلاف ٽيسٽ جي ٻنهي اننگز ۾ سينچري جي پارٽنرشپ ڪئي، عبدالله شفيق ۽ امام الحق کان اڳ اها سينچري 1971ع ۾ انگلش اوپنرز جيفري بائيڪاٽ ۽ جان ايڊريچ ڪئي هئي،