لاهور: اڳوڻي ڪرڪيٽر عاقب جاويد چيو آهي ته راولپنڊي ٽيسٽ جي وڪيٽ راند ۽ مداحن سان زيادتي هئي. اڳوڻي ڪرڪيٽر عاقب جاويد ڪراچي ۽ لاهور ۾ پچ ٺاهڻ جو مطالبو ڪيو، جنهن سان اسپانسرز کي مدد ملندي. عاقب جاويد چيو ته هاڻي وقت اهو اچي ويو آهي ته توهان 5 ڏينهن تائين ٽيسٽ ميچون ڏسو ۽ ڪو به نتيجو نه نڪري.
هوم سيريز جو مقصد پنهنجي حالتن ۾ کيڏڻ سان فائدو حاصل ڪرڻ آهي. عاقب جاويد وڌيڪ چيو ته ڪپتان بابراعظم کي آسٽريليا خلاف جارحاڻي حڪمت عملي سان ميدان تي اچڻ گهرجي. انهن کي پچ تيار ڪرڻ تي زور ڏيڻ گهرجي، جنهن تي ميچ جو فيصلو پاڪستان جي حق ۾ ٿئي. پاڪستان وٽ پنهنجي حالتن ۾ بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ اسپنر آهن. هن چيو ته آسٽريليا ۾ هڪ اسپنر ناٿن کانسواءِ ڪو خاص بالر ناهي، راولپنڊي ٽيسٽ ختم ٿي چڪي آهي.