رانديون

پاڪستان ۽ آسٽريليا ڪراچي ٽيسٽ کٽڻ جي حڪمت عملي ٺاهي ڇڏي

پاڪستان ۽ آسٽريليا ڪراچي ۾ سڀاڻي کان شيڊولڊ ٽيسٽ ميچ کٽڻ جي حڪمت عملي ٺاهي ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق نيشنل اسٽيڊيم ۾ 12 مارچ کان ٿيندڙ ٻي ٽيسٽ ۾ پچ اهم بڻجي وئي آهي، جنهن جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو تھ ٻنهي ٽيمن جي رانديگرن ميدان تي پهچي پچ جو جائزو ورتو آهي، جن ۾ آسٽريلوي ڪپتان پيٽ ڪمنز پڻ شامل آهي.

ڪراچي جي نيشنل اسٽيڊيم جي پچ جو ڏيک

هوڏانهن آسٽريلوي ڪپتان پيٽ ڪمنز اعلان ڪيو آهي تھ اسان ڪراچي ٽيسٽ ۾ ڪاميابي جي ڏس ۾ حڪمت عملي تيار ڪري ڇڏي آهي، هن ٽيسٽ ۾ 2 اسپنر پڻ کيڏايا ويندا. جڏهن تھ پاڪستاني اسڪواڊ ۾ پنڊي ٽيسٽ ۾ 6 وڪيٽون وٺندڙ نعمان علي وڌيڪ اهميت اختيار ڪري ويو آهي. ٻئي پاسي ڪراچي جي ٽيسٽ ۾ سيڪيورٽي جا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن. ڊي آئي جي مقصود احمد جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ سيڪيورٽي معاملن کي اڪلايو ويو آهي، جنهن جي فيصلن تحت سي اين جي وارين گاڏين ۽ ڊرون تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي.

نيشنل اسٽيڊيم ۾ شوقينن جي ويهڻ وارين ڪرسين جي صفائي ٿي رهي آهي

جڏهن تھ اسٽيڊيم ۽ رانديگرن جي سيڪيورٽي جي ڏس ۾ 5276 پوليس اهلڪار مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. هوڏانهن پنڊي ٽيسٽ ۾ مئل پچ جي تياري سبب ٿيندڙ تنقيد بعد ڪراچي واري پچ کي فيصلائتو بڻائڻ جو امڪان آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button