آسٽريليا مان ويمن، اي ۽ انڊر 19 جي ٽيمن جو جلد پاڪستان اچي کيڏڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ميڊيا مطابق ڪرڪيٽ آسٽريليا جي چيف ايگزيڪيوٽو نڪ هاڪلي جو چوڻ آهي تھ پاڪستان ۾ سيڪيورٽي خدشا نھ هجڻ بابت آگاهي ملي وئي هئي. هن جو چوڻ هو تھ هاڻ اسان جي ٻين ٽيمن جو بھ پاڪستان اچي کيڏڻ جو امڪان چٽو ٿي ويو آهي، جن ۾ ويمن، اي ٽيم ۽ انڊر 19 ٽيم پڻ شامل آهن. هن چيو تھ اسين پي سي بي ۽ ڪرڪيٽ آسٽريليا جي رابطن ۾ وڌيڪ مضبوطي چاهيون ٿا.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close