ويمن ورلڊ ڪپ جي جاري مقابلن ۾ پاڪستان جي ويمن ٽيم لاڳيتو شڪستن جو منهن ڏسي رهي آهي ۽ ان کي ٽين ميچ ۾ ڏکڻ آفريقا جي ٽيم 6 رنسن تان شڪست ڏئي پويلين جو رستو ڏيکاريو آهي. ميڊيا مطابق ڏکڻ آفريقا ويمن پهرين بيٽنگ ڪندي 223 رنسون ٺاهيون، جنهن جي موٽ ۾ پاڪستاني ٽيم 217 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي. جڏهن تھ پاڪستان جي عميما 65، ندا ڊار 55 ۽ ناهيدا خان 45 رنسون ٺاهي پاڻ مڃايو آهي. ڏکڻ آفريقي بيٽرن لورا 75 سني ليوس 62 ٺاهي ٽيم کي 6 رنسن تان کٽرايو آهي. پاڪستان جي فاطما ثنا ۽ غلام فاطما 3،3 وڪيٽون ورتيون هيون.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close