وزيراعظم عمران خان چيو آهي تھ پاڪستان ۾ آسٽريلوي ٽيم کي صدارتي سطح جي سڪيورٽي آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن جو چوڻ هو تھ دهشتگردي سبب ڪيترائي سال عالمي ڪرڪيٽ جي ميزباني کان محروم رهيا آهيون. عمران خان چيو تھ اسان جي حڪومت ملڪ ۾ سيڪيورٽي جي صورتحال کي تمام گهڻو بهتر ڪيو آهي. هن چيو تھ پاڪستان ۽ آسٽريليا ۾ فيصلائتين ميچن جي ڏس ۾ سٺيون پچز ٺاهڻ ضروري آهن. هن چيو تھ سياسي مصروفيتن سبب ڪرڪيٽ نٿو ڏسي سگهان، پر اخبارن ۾ خبرون پڙهندو آهيان.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close