پاڪستان ۾ فٽبال جو هيڊڪوارٽر فيفا جي نرملائيزيشن ڪاميٽي حوالي ڪيو ويو آهي، جنهن سان پاڪستان ۾ فيفا پابندين جي خاتمي جي اميد پيدا ٿي وئي آهي. ميڊيا مطابق فيفا ۽ حڪومت ۾ ڳاليهون ڪامياب ٿيڻ بعد اشفاق گروپ هيڊڪوارٽر جو ڪنٽرول نارملائيزيشن ڪاميٽي کي ڏنو آهي. فيفا نارملائيزيشن ڪاميٽي جي سربراهه هارون ملڪ جو چوڻ آهي تھ پاڪستان ۾ فٽبال جي عالمي اڪيلائي وارو خراب وقت ختم آهي، اسين هاڻ فٽبال جي عالمي ايونٽس ۾ پاڪستاني ٽيمن جي شرڪت يقيني بڻائينداسين.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close