پاڪستان ۽ آسٽريليا جي ٽيمن وچ ۾ ڪراچي ۾ جاري ٻي ٽيسٽ جي پچ بھ پنڊي واري پچ کان مختلف ناهي رهي ۽ بالر ڪوبھ ٻوٽو نھ ٻاري سگهيا آهن. جڏهن تھ آسٽريليا پهرين اننگ ۾ ٻئي ڏينهن جي راند ختم ٿيڻ تائين 505 رنسن جو جبل ٺاهي چڪو آهي. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ پاڪستان خلاف ٻي ٽيسٽ جي ٻئي ڏينهن واري راند ۾ آسٽريليا پنهنجون 8 وڪيٽون وڃائي ڇڏيون. جڏهن تھ عثمان خواجا 160 رنسن جي اننگ کيڏي ساجد خان جي بال تي بولڊ ٿي ويو، جنهن سان گڏ هن وڌيڪ وقت بيٽنگ وارو 58 سالن جو رڪارڊ بھ ٺاهي ورتو آهي. آسٽريليا جي ٻين بيٽرن مان ايلڪس ڪيري 93 رنسن تي آئوٽ ٿيڻ سبب سنچري کان محروم رهيو، ليان 38 رنسون ٺاهي سگهيو، ٽريوس هيڊ 23 ۽ ڪيمرون گرين 28 رنسون ٺاهيون. جڏهن تھ ڪپتان پيٽ ڪمنز سان گڏ مچل اسٽارڪ 28 رنسن سان پچ تي موجود آهي. پاڪستان ساجد خان 2، فهيم اشرف 2، نعمان علي ۽ بابراعظم هڪ، هڪ وڪيٽ ورتي آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close