پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين رميز راجا چيو آهي تھ گڏيل ٽيسٽ سيريز وارو تصور پراڻو ٿي چڪو، هاڻ نئين سوچ سان اڳتي اچڻو آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي رميز راجا جو چوڻ هو تھ اسان ڀارت سان ٽھ ملڪي سيريز چاهيون ٿا. هن جو چوڻ هو تھ اسان جي آمدني رڳو ڀارت سان کيڏڻ ۾ مشروط ناهي، پيرن تي بيهڻ چاهيون ٿا. هن ٻڌايو تھ پي ايس ايل 7 مان 540 ڪروڙ منافعو ٿيو، پنهنجي ليگ کي آئي پي ايل سان برابر آڻڻ جي ڪوشش ڪيون پيا. هن چيو تھ ٻن وڏن ايونٽس جي ميزباني ملڻ ڪاميابي آهي. ڪراچي ۾ جديد هوٽل تعمير ڪرڻ جي تياري ڪئي آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close