ڪراچي ٽيسٽ کٽڻ ۾ آسٽريليا 506 رنسن جو هدف ڏئي ڇڏيو آهي، جنهن جي موٽ ۾ پاڪستان 2 وڪيٽون وڃاي 192 رنسون ٺاهي ورتيون آهن. ميڊيا مطابق ڪراچي ٽيسٽ جي چوٿين تي ڏينهن تي آسٽريليا ٻن وڪيٽن جي نقصان تي 97 رنسون ٺاهي اننگ ڊڪليئر ڪري ڇڏي آهي، جن ۾ بيٽر مارنس ليبوشين 44 رنسن تي آئوٽ ٿي ويو آهي. جڏهن تھ ڊيوڊ وارنر 7 رنسن تي اڳ ئي پويليسن واپس وڃي چڪو هو. اهڙي ريت عثمان خواجا 44 رنسن تي کيڏي رهيو هو تُھ ڪپتان اننگ ڊڪليئر ڪري ڇڏي. پاڪستاني بيٽر 506 رنسن جي هدف پويان کيڏندي اوپنر امام الحق جي هڪ رنسن تي وڪيٽ وڃائي ڇڏي. جڏهن تھ اظهر علي بھ رڳو 6 رنسون ٺاهي سگهيو ۽ آئوٽ ٿي ويو. جڏهن تھ هن وقت ڪپتان بابر اعظم 107 رنسن ۽ عبداللھ شفيق 71 رنسن سان پچ تي موجود آهن. جڏهن تھ پاڪستان کي ميچ کٽڻ ۾ 314 رنسن جي ضرورت آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close