رانديون

نوجوان ڪرڪيٽرن جي حوصلا افزائي لاءِ ڪوششون جاري آهن: بابراعظم

ڪراچي: قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابراعظم جو چوڻ آهي ته راند ۾ هيٺ مٿانهين ايندي رهندي آهي، نوجوان ڪرڪيٽرن جي حوصلا افزائي لاءِ ڪوششون جاري آهن ته جيئن سٺا نتيجا اچي سگهن. ڪراچي ٽيسٽ ڊرا ٿيڻ کانپوءِ ڪپتان بابراعظم چيو ته ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته سٺي پرفارمنس برقرار رکون، چوٿين ڏينهن عبدالله شفيق تمام سٺي راند کيڏي، وڪيٽ تي رنسون ٺاهڻ آسان نه هو پر هن پاڻ کي ثابت ڪيو آهي.

بابراعظم چيو ته چوٿين ڏينهن ٻن رانديگرن جي جلد آئوٽ ٿيڻ کانپوءِ سٺي پارٽنرشپ جي ضرورت هئي، الله جو شڪر آهي ته عبدالله شفيق ۽ مان اها پارٽنرشپ قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿياسين. هن چيو ته عبدالله شفيق جي اننگز شاندار هئي، جنهن کي ساراهيو وڃي. بابراعظم جو وڌيڪ چوڻ هو ته سٺي ڪارڪردگيءَ تي خوش آهيون. قومي ڪپتان ڪرڪيٽ مداحن جو به شڪريو ادا ڪيو ۽ چيو ته ڪراچي ۾ قومي ٽيم جي مداحن اسان کي ڪڏهن مايوس نه ڪيو آهي ۽ هر رانديگر کي تمام گهڻو پيار ڏنو آهي، اميد آهي ته سندن اها محبت جاري رهندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button