ڪراچي: بابراعظم ۽ محمد رضوان جي شاندار بيٽنگ سبب پاڪستان ٻي ٽيسٽ ميچ ۾ آسٽريليا جي يقيني فتح کي ڊرا ۾ تبديل ڪري ڇڏيو، قومي ٽيم 506 رنسن جي ٽارگيٽ جي تعاقب ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 438 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته سيريز بغير ڪنهن شڪست جي برابر رهي. ڪراچي جي نيشنل اسٽيڊيم ۾ کيڏيل سيريز جي ٻئي ٽيسٽ ميچ جي آخري ڏينهن پاڪستان پنهنجي ٻي نامڪمل اننگز 192 رنسون 2 وڪيٽن تان ٻيهر شروع ڪئي. ڏينهن جي شروعات ۾ عبدالله شفيق ۽ بابراعظم لاءِ پهريون چيلنج آسٽريلوي فاسٽ بالرن کي صرف ٻن اوورن ۾ استعمال ٿيندڙ نئين بال تي منهن ڏيڻو هو. ٻنهي رانديگرن ڏينهن جي شروعات ۾ ئي دفاع ڪيو ۽ آسٽريلوي بالرن کي وڪيٽون وٺڻ کان روڪيو، پر اسپنرن جي حملي کانپوءِ ٻئي بيٽسمين تقريبن پراعتماد نظر آيا. ٻنهي رانديگرن ذميواريءَ سان کيڏندي آسٽريلوي ٽيم کي لڳ ڀڳ سڄي سيشن ۾ وڪيٽون وٺڻ کان پري رکيو پر مانجهاندي کان ڪجهه اوور اڳ عبدالله شفيق نروس نائنٽيز هٿان آئوٽ ٿي ويو.
نوجوان بيٽسمين نه رڳو 96 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي پر بابراعظم سان گڏ 228 رنسن جي پارٽنرشپ به قائم ڪري پاڪستان جي ميچ ڊرا ڪرڻ جون اميدون روشن ڪري ڇڏيون. ان کانپوءِ بابراعظم پنهنجي نائب محمد رضوان سان گڏ هو ۽ ٻنهي بهترين بيٽنگ ڪندي اسڪور کي اڳتي وڌايو. ميچ جي آخري ڏينهن جڏهن چانهه جو وقفو هو ته پاڪستان 4 وڪيٽن جي نقصان تي 310 رنسون ٺاهيون هيون، بابراعظم 168 ۽ رضوان 14 رنسون ٺاهي راند ڪري رهيا هئا. ڪپتان 196 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو، جنهن کانپوءِ فهيم اشرف به ٻڙي پويلين موٽي ويو. پاڪستان گذريل ڏينهن جي راند جي پڄاڻي تي 7 وڪيٽن جي نقصان تي 438 رنسون ٺاهي ميچ برابر ڪري ڇڏي. محمد رضوان 104 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو.