رانديون

ملڪي سياست جا اثر ظاهر، پاڪستان ۽ آسٽريليا ۾ وائيٽ بال سيريز پنڊي مان لاهور منتقل

پاڪستان ۾ اپوزيشن جي عدم اعتماد جي تحريڪ سبب سياسي اٿل پٿل جا اثر ڪرڪيٽ تي پڻ ظاهر ٿيا آهن، جنهن سبب پاڪستان ۽ آسٽريليا ۾ وائيٽ بال سيريز پنڊي مان لاهور منتقل ٿي وئي آهي. ميڊيا مطابق اپوزيشن جي تحريڪ عدم اعتماد سبب پيدا ٿيل ڇڪتاڻ بعد حڪومت ون ڊي ۽ ٽي 20 سيريز جو هنڌ بدلايو ويو آهي. جڏهن تھ ميچون پنهنجي طئي ٿيل شيڊول تحت جاري رهنديون. پي سي بي بھ ميچنون لاهور منتقل ٿيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي، پر پي سي بي موجب شيڊول ۾ ڪنهن بھ قسم جي تبديلي نھ آئي آهي. هوڏانهن ميڊيا کي بريفنگ دوران گهرو وزير شيخ رشيد ٻڌايو تھ پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ پنڊي ۾ رٿيل محدود اوورن واريون ميچون لاهور منتقل ڪيون ويون آهن. هن چيو تھ پوليس جي نفري آسٽريلين ٽيم جي حفاظت تي مقرر ٿيل هئي ۽ ميچ پند يمان لاهور منتقل ٿيڻ بعد انهن کي شهر ۾ مقرر ڪيو ويندو. ياد رهي تھ آسٽريليا جو ون ڊي اسڪواڊ 24 مارچ تي لاهور پهچندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button