انگلينڊ ۽ ويسٽ انڊيز جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ کيڏيل ٻي ٽيسٽ ميچ بنا نتيجي جي ختم ٿي وئي آهي. ميڊيا مطابق ويسٽ انڊيز جي ٽيم انگلينڊ جي ڏنل 282 رنسن جي هدف پويان کيڏندي 5 وڪيٽن تي 135 رنسون ٺاهيون. ان کان اڳ انگلينڊ پنهنجي ٻي اننگ 6 وڪيٽون وڃائي 185 رنسن تي ڊڪليئر ڪري ڇڏي. جڏهن تھ زيڪ ڪرائولي 40، ڊين لارينس 41، جوني بيرئسٽو 29، بين اسٽ وڪس 19 رنسون ٺاهيون. ويسٽ انڊيز ٻي اننگ ۾ 135 رنسون ٺاهيون تھ وقت ختم ٿي ويو، سندس بيٽرن مان ڪريگ براٿويٽ 56، جوشئا ڊي سلوا 30 ۽ جرمين بليڪ ووڊ 27 رنسون ٺاهيون. جڏهن تھ ڪريگ براٿويٽ 160 ۽ 56 رنسون ٺاهڻ تي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close