ڪراچي: پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو اڳوڻو هيڊڪوچ مڪي آرٿر پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ ٽيسٽ سيريز ۾ ياسر شاهه بابت پريشان ٿي ويو ۽ سوال اٿاريا. ٽوئيٽر تي مڪي آرٿر ياسر شاهه بابت ٽوئيٽ ڪندي لکيو ته ڪو ٻڌائي سگهي ٿو ياسر شاهه ڪٿي آهي؟ جيڪڏهن هو ٺيڪ آهي ته انهي کي کيڏارڻ گهرجي؟ مڪي آرٿر پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ياسر شاهه کي ٽيگ ڪندي پاڪستان ۽ آسٽريليا جا هيش ٽيگ پڻ استعمال ڪيا. مڪي آرٿر جي ٽوئيٽ وائرل ٿيندي ئي سندس سوالن جا مختلف جواب اچڻ شروع ٿي ويا.
هڪ اسپورٽس صحافي مڪي آرٿر کي ٻڌايو ته پهرين ٽيسٽ کان اڳ جڏهن بابر کان ياسر شاهه بابت پڇيو ويو ته هن واضح ڪيو ته ياسر کي پنهنجي فٽنس بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي. اسپورٽس صحافي جو اهو به چوڻ هو ته ياسر کي ٽيسٽ اسڪواڊ ۾ ريزرو رانديگر طور شامل ڪيو ويو هو پر بعد ۾ پاڪستان ون ڊي ڪپ لاءِ آزاد ڪيو ويو.