رانديون

يوم پاڪستان لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ به ملهايو ويو

لاهور: ملڪ جي سمورن شهرن ۾ يوم پاڪستان وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي، لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ به يوم پاڪستان جي موقعي تي پاڪستان جو جهنڊو ڦڙڪندو رهيو. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي آسٽريليا خلاف آخري ٽيسٽ ميچ جي ٽئين ڏينهن کي يوم پاڪستان جي نالي سان ملهايو آهي. پي سي بي پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي هڪ وڊيو شيئر ڪئي آهي جنهن ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته راند جي شروعات 23 مارچ جي موقعي تي پاڪستان جي قومي تراني سان ڪئي وئي.

جنهن ۾ ٻنهي ٽيمن جا رانديگر قومي تراني جي احترام ۾ ميدان تي بيٺا نظر آيا. ٻئي طرف پي سي بي يوم پاڪستان ملهائيندڙ رانديگرن جون تصويرون شيئر ڪيون آهن، تصويرن ۾ قومي ٽيم جو ڪپتان بابر اعظم، فاسٽ بالر شاهين شاهه آفريدي، نسيم شاهه ۽ ٻيا رانديگر جهنڊا کڻي بيٺل ڏسي سگهجن ٿا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button