آسٽريليا جي ڪرڪيٽ ٽيم پاڪستان کي لاهور ۾ ٽيسٽ ميچ ۾ ڪاميابي جي ڏس ۾ 351 رنسن جو هدف ڏئي ڇڏيو آهي. جڏهن تھ پاڪستان پڻ اعتماد سان کيڏندي بنا نقصان جي پير ڄمائي ورتا آهن. ميڊيا مطابق لاهور ٽيسٽ جي چوٿين ڏهاڙي آسٽريليا 3 وڪيٽن جي نقصان تي 227 رنسن سان اننگ ڊڪليئر ڪري پاڪستان کي کيڏڻ جي دعوت ڏني آهي. آسٽريليا جي اوپنر عثمان خواجا 104 رنسن تي ناٽ آئوٽ رهيو، ڊيوڊ وارنر 51، مارنس ليبوشين 36 ۽ اسٽيو سمٿ 17 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويا آهن. جڏهن تھ ٽريوس هيڊ 11 رنسن تي کيڏيو پئي تھ ڪپتان اننگ ڊڪليئر ڪري ڇڏي. پاڪستاني بالرن شاهين شاهه آفريدي، نسيم شاهه ۽ نعمان علي هڪ،هڪ بيٽر کي آئوٽ ڪيو آهي. هوڏانهن پاڪستاني اوپنر محتاط انداز ۾ کيڏندي بنا نقصان جي 73 رنسون ٺاهي ورتيون آهن، راند ختم ٿيڻ وقت عبداللھ شفيق 27 ۽ امام الحق 42 رنسن تي کيڏي رهيا هئا.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close