رانديون

آسٽريليا 24 سالن بعد پاڪستان کان ٽيسٽ سيريز کٽي ورتي

آسٽريليا جي ڪرڪيٽ ٽيم 24 سالن بعد بھ پاڪستان کان ٽيسٽ سيريز کٽي ورتي آهي. ميڊيا مطابق لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ کيڏيل آخري ٽيسٽ ۾ آسٽريليا 115 رنسن تان ٽيسٽ ۾ ڪاميابي ماڻي آهي. جڏهن تھ آخري ڏهاڙي تي پاڪستاني ٽيم آسٽريليا جي 351 رنسن جي هدف پويان کيڏندي 235 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي. پاڪستان جي اوپنرن مان امام الحق 70 رنسن جي شاندار اننگ کيڏي آهي. جڏهن تھ عبداللھ شفيق 27، اظهر علي 17، ڪپتان بابراعظم 55، ساجد خان 21، حسن علي 13، فواد عالم 11 ۽ شاهين آفريدي 5 رنسون ٺاهي سگهيا، محمد رضوان ٻڙي ٿي آئوٽ ٿي ويو. آسٽريليا جي بالر نيٿن ليان 5 وڪيٽون وٺي فتح ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. اهڙي نموني سان پيٽ ڪمنز 3 وڪيٽون ورتيون آهن. عثمان خواجا 496 رنسن سان پليئر آف سيريز قرار ڏنو ويو آهي ۽ پليئر آف دي ميچ پيٽ ڪمنز بڻيو. آسٽريليا 391 ۽ 227 جي اننگز کيڏي، پاڪستان 268 ۽ 235 رنسون ٺاهيون آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button