رانديون

نيوزيلينڊ ويمن پاڪستان کي هارائي بھ سيمي فائنل مان آئوٽ

نيوزيلينڊ جي ويمن پاڪستان کي اهم ميچ ۾ شڪست ڏيڻ باوجود سيمي فائنل جي ڊوڙ مان نڪري وئي آهي. ميڊيا مطابق ويمن ورلڊ ڪپ جي ميچ ۾ نيوزيلينڊ پاڪستان کي 71 رنسن تان شڪست ڏني آهي. جڏهن تھ نيوزيلينڊ جي 266 رنسن جي هدف پويان کيڏندي پاڪستان 194 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي آهي.

پاڪستاني ويمن بالر ندا ڊار

نيوزيلينڊ بيٽنگ ڪندي 265 رنسون ٺاهيون ۽ سندس 8 بيٽر آئوٽ ٿيا، جن ۾ سوزي بيٽس 126 رنسن جي وڏا اننگز کيڏي آهي. جڏهن تھ موٽ ۾ پاڪستان جي ٽيم 9 وڪيٽن جي نقصان تي 194 رنسون ٺاهيون. نيوزيلينڊ جي بالر هانا رووي 5 وڪيٽون ورتيون. جڏهن تھ پاڪستاني ندا 50 رنسن سان گڏ 3 وڪيٽون وٺي پنهنجي صلاحيتن کي مڃايو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button