رانديون

ويسٽ انڊيز انگلينڊ خلاف 232 رنسون ٺاهي ورتيون، 8 ڄڻا آئوٽ

ويسٽ انڊيز انگلينڊ خلاف 232 رنسون ٺاهي ورتيون ۽ سندس 8 بيٽر آئوٽ ٿي ڊريسنگ روم ۾ واپس هليا ويا آهن. ميڊيا مطابق ٽين ٽيسٽ جي ٻئي ڏهاڙي واري راند ۾ ويسٽ انڊيز پنهجون اهم وڪيٽون وڃائي ڇڏيون آهن. جڏهن تھ ويسٽ انڊيز جو ڪپتان ڪريگ براٿويٽ 17، جان ڪيمپبيل 35، شارمار بروڪس 13، جيرمين بليڪ ووڊ 18 ۽ ڪائلي مائيرس 28 رنس تي آئوٽ ٿي ويا. اهڙي ريت الزاري جوزف 28، نڪروما بونر 4 رنسون ٺاهي سگهيا ۽ جيسن هولڊر ٻڙي تي آئوٽ ٿي ويو آهي. ويسٽ انڊيز جا بيٽر جوشوئا ڊا سلوا 54 ۽ ڪيمار روچ 25 رنسن سان ڪريز تي موجود آهن. انگلينڊ جي ڪرس ووڪس 3 ڄڻا آئوٽ ڪيا، ڪريگ اوورٽن ۽ بين اسٽوڪس 2،2 وڪيٽون وٺي سگهيا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button