
فٽبال ورلڊ ڪپ جي ڪواليفائر ميچ دوران هڪ مداح سيڪيورٽي کي ٽوڙي ميدان ۾ پهچي ليجنڊ فٽبالر ليونل ميسي کي ڳچي مان جهلي ساڻس سيلفي ورتي آهي. ميڊيا مطابق ارجنٽينا ۽ ايڪواڊور وچ ۾ جاري ميچ دوران اوچتو هڪ مداح ميدان تي ڪاهه ڪري پهچي ويو، جنهن کي سيڪيورٽي بھ پڪڙي نھ سگهي. جڏهن تھ ان مداح لونل ميسي کي وچ ميدان ۾ ڳچي کان جهلي گهٽو ڏيڻ جيان سوگهو ڪيو ۽ ساڻس سيلفي ورتي، بعد ۾ سيڪيورٽي ان کي ٻاهر ڪڍي ڇڏيو. هوڏانهن مداح سوشل ميڊيا تي اها سيلفي شيئر ڪندي لکيو تھ، فٽبال ذريعي خوشيون ڏيڻ جي مهرباني، مان اوهان سان پيار ڪيان ٿو.