
پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابراعظم چيو آهي تھ ون ڊي ۾ فتح سان گڏ آسٽريليا خلاف سيريز کٽڻ پاڪستاني ٽيم جي تاريخي ڪاميابي آهي. سوشل ميڊيا تي ٽيم سان گڏ گروپ فوٽو شيئر ڪندي هن ڪيپشن ۾ لکيو تھ امام الحق، شاهين شاهه آفريدي ۽ حارث رئوف سميت سمورن سپر اسٽارز بهترين ڪارڪردگي ڏيکاري آهي. بابراعظم جو چوڻ هو تھ پاڪستان جي شهرين جا ساٿ ڏيڻ تي ٿورائتا آهيون.