رانديون

پي سي بي جو چار ملڪي سيريز وارو پلان آئي سي سي حوالي

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ چار ملڪي ڪرڪيٽ سيريز ڪرائڻ واري ڏنل تجويز جو پلان مسودي جي صورت ۾ آئي سي سي جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق پي سي بي چيئرمين رميز راجا چار ملڪي سيريز واري تجويز جو پلان آئي سي سي کي موڪليو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي تھ پلان جو مسودو آسٽريليا، ڀارت ۽ انگلينڊ جي ڪرڪيٽ بورڊن کي موڪليو ويو آهي تھ جيئن اهي پڻ ان تي غور ڪري سگهن. ذريعن اهو پڻ ٻڌايو تھ مسودي تحت سيريز جي ميزباني هر سال تبديل ٿيندي، مقابلا سيپٽمبر ۽ آڪٽوبر ۾ ڪرائڻ جي تجويز ڏني وئي آهي ۽ تجويز ۾ چيو ويو آهي تھ ڪرڪيٽ سيريز ٽي 20 فارميٽ ۾ هوندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button