
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين رميز راجا ۽ ڀارتي بورڊ بي سي سي آئي جي سربراهه ساروف گنگولي وچ ۾ دبئي ۾ ملاقات ٿيڻ جو امڪان آهي. ميڊيا مطابق پي سي بي چيئرمين رميز راجا ۽ سي اي او فيصل حسين هڪ يا ٻن ڏينهن ۾ دبئي روانا ٿي ويندا. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ رميز راجا دبئي ۾ آئي سي سي جي گڏجاڻين ۾ شرڪت ڪندو ۽ سان گڏ سندس ٻين بورڊن جي سربراهن سسان سائينڊلائين ملاقاتون طئي ٿيون آهن. ذريعن موجب رميز راجا ٻين بورڊن سان چار ملڪي سيريز واري پلان بابت پڻ آگاهي ڏيندو.