پي سي بي جي چيئرمين رميز راجا انڪشاف ڪيو آهي تھ آسٽريليا جي پاڪستان واري دوري سان پي سي بي 2 ارب رپيا منافعو ڪمايو آهي. ميڊيا کي جاري ڪيل وڊيو انٽرويو ۾ هن ٻڌايو تھ آسٽريليا جي پاڪستان ۾ کيڏيل ڪرڪيٽ سيريز سان پي سي بي کي ڪمرشلز جي مد ۾ تمام وڏي ڪمائي ٿي آهي. هن چيو تھ ويجهڙائي واري وقت ۾ قومي ٽيم سٺي ڪارڪردگي سان اعتماد ڏنو، جنهن سان تجارتي بنيادن تي نيون بلنديون بھ مليون آهن. هن چيو تھ آسٽريليا جي دوري بعد ڪنهن بھ ملڪ وٽ پاڪستان نھ اچڻ جو جواز نھ رهيو آهي. هوڏانهن ذريعن دعوا ڪئي آهي تھ پي سي بي چيئرمين هن وقت دبئي ۾ آهي، جتي آئي سي سي جي اجلاس ۾ شريڪ ٿيندو. جڏهن تھ ان دوران سائيڊلائين ملاقاتن ۾ ڀارتي بورڊ جي سربراهه سان پڻ ملاقات ڪندو، جنهن ۾ پاڪ ڀارت سيريز ۾ اڳڀرائي جي اميد آهي. ذريعن موجب پي سي بي چيئرمين ۽ بي سي سي آئي سربراهه جي ملاقات ۾ چار ملڪي سيريز بابت ٿيڻيون آهن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close