رانديون

انگلينڊ ۽ ويسٽ انڊيز جو چار ملڪي سيريز جي حمايت جو فيصلو

انگلينڊ ۽ ويسٽ انڊيز پي سي بي جي چار ملڪي سيريز واري تجويز جي حمايت جو فيصلو ڪري ورتو آهي. ميڊيا مطابق پي سي بي چيئرمين رميز راجا جي تجويز تي ٻنهي ملڪن جي ڪرڪيٽ بورڊن رٿا عمل جوڳي قرار ڏني آهي. پرڏيهي ميڊيا پنهنجي رپورٽ ۾ ڄاڻايو آهي تھ انگلينڊ ۽ ويسٽ انڊيز جي ڪرڪيٽ بورڊن جي حمايت سان پي سي بي وڏو فائدو ملي سگهي ٿو. جڏهن تھ ڀارت اڃا تائين تجويز تي خاموش آهي. ٻڌايو وڃي ٿو تھ آئي سي سي جي اجلاس ۾ پي سي بي چيئرمين آئي سي سي جي اجلاس ۾ رٿا کي پيش ڪندو، جنهن تي غور ٿيڻ جو بھ امڪان آهي. انگلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ جي سي اي او ٽام هيريسن جو چوڻ آهي تھ آئي سي سي قانون ٽھ ملڪي سيريز جي اجازت نٿو ڏئي، چار ملڪي سيريز جي اجازت ڏني وڃي. ٻئي پاسي آئي سي سي ٽيم جي مالياتي ڪاميٽي جو چوڻ هو تھ چار ملڪي سيريز جي ڏس ۾ آئي سي سي قانون ۾ ترميم ڪرڻي پوندي، ڇوتھ ان سان 200 کان وڌيل ٽيمن تي ٻڌل ورلڊ ڪپ کي نقصان ٿي سگهي ٿو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button