
آمريڪا جي ڪرڪيٽ ٽيم ٽي 20 ورلڊ ڪپ 2024ع ۾ سڌري ريت ڪواليفائي ڪري ورتو آهي. ميڊيا مطابق ٽي 20 ورلڊ ڪپ 2024ع جي مقابلن جي ميزباني آمريڪا ۽ ويسٽ انڊيز گڏجي ڪندا، تنهنڪري ٻنهي ملڪن جي ٽيمن کي پا۾رادو ڪواليفائي ڪرڻ جو موقعو ملي ويو آهي. هوڏانهن يو ايس اي ڪرڪيٽ جي بيان موجب آئي سي سي آمريڪا جي ٽيم جي ڪواليفائي ڪرڻ جي تصديق ڪئي آهي. هوڏانهن آمريڪا دنيا جي بهترين ٽيمن سان مقابلو ڪري ايونٽ کي يادگار بڻائيندي.