اسڪاٽ لينڊ جي ڪرڪيٽ ٽي ون ڊي ٽورنامينٽ جي هڪ ميچ ۾ اومان کي 2 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق اومان جي ٽيم پهرين کيڏندي 7 وڪيٽن جي نقصان تي 225 رنسون ٺاهيون، جنهن جي جواب ۾ اسڪاٽ لينڊ جي ٽيم آخري بال تي 226 رنسون ٺاهي هدف ماڻيو ۽ ڪاميابي حاصل ڪري ورتي. اومان جا بيٽر ڪيشپ ڪمار 81، محمد نديم 53 ۽ نسيم خوشي 29 رنسن سان نمايان رهيا. جڏهن تھ اسڪاٽ لينڊ جي رچي بيرنگٽن 73، جارج منسي 43 ۽ مارڪ واٽ 37 رنسون ٺاهي پاڻ ملهايو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close