پاڪستان جي 90 سيڪڙو ايٿليٽس ۾ ڪارڪردگي وڌائڻ وارين منع ڪيل دوائن جي استعمال جو انڪشاف ٿيو آهي. ميڊيا مطابق لاهور ۾ ڪوڏي ڪوڏي جي 7 رانديگرن جي ڊوپ ٽيسٽ مثبت اچڻ بعد معاملن جي نگراني جي حوالي سان پاڪستان اولمپڪس ايسوسيئيشن جي جوڙيل نگران ڪاميٽي 90 سيڪڙو ايٿليٽس ۾ دوائن جي استعمال جي نشاندهي ڪئي آهي. ڪاميٽي قرار ڏنو آهي تھ 90 سيڪڙو ايٿليٽس آگاهي باوجود ڪارڪردگي وڌائڻ واريون منع ڪيل دوائون استعمال ڪن ٿا. ڪاميٽي جي هڪ ميمبر ٻڌايو تھ هي مسئلا منع ڪيل شين جي آگاهي نھ هجڻ سبب سامهون ناهن آيا، اهي ڄاڻي واڻي استعمال ٿيون آهن. جڏهن تھ گهڻا مسئلا واڊا جون ليبارٽري ملڪ ۾ نھ هجڻ سبب پيدا ٿين ٿا. هن چيو تھ واڊا جي تصديق ليبارٽي جو بندوبست ڪرڻ سان گڏ حڪومت فيڊريشنز کي مالي وسيلا فراهم ڪري ڏئي تھ جيئن اهي پرڏيهه ۾ رانديگرن جا جزا موڪلي سگهن. هن جو چوڻ هو تھ فيڊريشنز کي هدايت ڪئي وئي آهي تھ اهي عالمي ايونٽس کان اڳ رانديگرن کي آگاهي ڏين.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close