رانديون

ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ ۾ بابراعظم ٽين پوزيشن ماڻي ورتي

ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ 2023ع جي ميچن ۾ سڀني کان وڌيڪ رنسون ٺاهيندڙ بيٽرن ۾ پاڪستان جي ڪپتان بابراعظم ٽين پوزيشن ماڻي آهي. ميڊيا مطابق آئي سي سي چيمپيئن شپ مقابلن ۾ گهڻيون رنسون ٺاهيندڙ بيٽرن جي فهرست جاري ڪئي آهي، جنهن تحت انگلينڊ جو اڳوڻو ڪپتان جو روٽ 1175 رنسن سان پهرين پوزيشن تي آيو، آسٽريليا جي عثمان خواجا 751 رنسون ٺاهي ٻيو نمبر ماڻيو آهي. اهڙي ريت پاڪستان مان بابراعظم 682 رنسون ٺاهي ٽين پوزيشن حاصل ڪئي، جوني بيرئسٽو 604 رنسن سان چوٿين، ڪريگ براٿويٽ 602 رنسن سان 5، عبداللھ شفيق 547 رنسن سان 6 نمبر رهيو. جڏهن تھ ٽاپ ٽين ڪي ايل راهول 7، ڊين ايلگر ، رشڀ پانٽ ۽ ٽيمبا بائوما شامل آهن. جڏهن تھ آل رائونڊرن ۾ رويندر جديجا 87 رنسون ۽ 9 وڪسٽن سان پهرين نمبر آتي، فهرست ۾ مٽ هينري 7 وڪيٽن ۽ 23 رنسن ٺاهي ٻي پوزيشن ماڻي. جڏهن تھ شاردل، مهاراج ۽ مومن الحق بھ فهرست ۾ شامل آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button