لاهور: پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) ملڪ ۾ نوجوان اسپنرز کي تيار ڪرڻ لاءِ عيدالفطر کان پوءِ خاص ڪيمپ منعقد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. تفصيل موجب تجويز ڪيل ڪيمپ نيشنل هاءِ پرفارمنس سينٽر (اين ايڇ پي سي) ۾ ٿيندي، جنهن ۾ ملڪي رانديگر شرڪت ڪندا، پاڪستان جي اسپنرن کي گذريل مهيني آسٽريليا خلاف هوم ٽيسٽ سيريز ۾ قوت نه هجڻ تي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو ويو هو.
قومي ٽيم جو چيف سليڪٽر محمد وسيم به موجوده سيٽ اپ ۾ معياري اسپنرن جي کوٽ جو اعتراف ڪيو ژژژآهي. ٽيسٽ، ون ڊي ۽ ٽي-20 فارميٽ لاءِ اسپنرز جو الڳ پول قائم ڪيو ويندو، پي سي بي مستقبل ۾ فاسٽ بالرز لاءِ ڪيمپ قائم ڪرڻ جو به منصوبو جوڙي ورتو آهي.