رانديون

سياست راند ۾ مداخلت ڪري تھ نتيجا سٺا نھ ملندا: نوڪووچ

سربيا جي نمبر ون ٽينس اسٽار جواڪ نوڪووچ ومبلڊن ٽينس ٽورنامينٽ ۾ روس ۽ بيلاروس جي رانديگرن جي شرڪت تي پابندي لڳائڻ واري فيصلي تي ڇتي تنقيد ڪندي چيو آهي تھ، سياست راند ۾ مداخلت ڪري تھ نتيجا سٺا نھ ملندا. هن جو چوڻ هو تھ روس ۽ بيلاروس تي پابندي واري ومبلڊن جي فيصلي جي حمايت نٿو ڪري سگهان، پر ان سان گڏ مان جنگ جي حمايت نٿو ڪري سگهان، ڇوتھ اندازو آهي تھ اها ڪيڏي وڏي تڪليف ڏئي ٿي. ياد رهي تھ ومبلڊن ٽينس ٽورنامينث ۾ روس ۽ برلاروس جي رانديگرن تي پابندي لڳائي وئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button