رانديون

طلحا طالب تي پابندي جو فيصلو ناهي ٿيو: ويٽ لفٽنگ فيڊريش

پاڪستان ويٽ لفٽنگ فيڊريشن واضع ڪيو آهي تھ ايٿليٽ طلحا طالب تي پابندي جو فيصلو ناهي ٿيو، ان حوالي سان ٿيندڙ ڳالهيون اڃا هوائي آهن. پاڪستان ويٽ لفٽنگ فيڊريشن جي نائب صدر امجد امين بٽ ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو تھ ڊوپنگ جو معاملو انٽرنيشنل ٽيسٽنگ ايجنسي جي هٿ ۾ آهي، اهي هاڻ بنا اطلاع اچي ٽيسٽ ڪندا آهن. هن جو چوڻ هو تھ ايجنسي کي ئي طلحا جي مستقبل جو فيصلو ڪرڻو آهي ۽ ابوبڪر جو معاملو بھ اڃا رهيل آهي، اسان کي ڪوچز کان پڇا ڳاڇا جي حوالي سان ڪي بھ هدايتون ناهن مليون. هن ٻڌايو تھ لاهور ۽ گوجرانوالا ۾ 15 کان وڌيڪ ڊوپ ٽيسٽ ڪرايا ويا ۽ سڀ اهي ڪليئر آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button