رانديون

پاڪستان جي ورلڊ سنوڪر چيمپيئن احسن رمضان ملڪ ڇڏڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي

پاڪستان جي ورلڊ سنوڪر چيمپيئن احسن رمضان ملڪ ڇڏڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق سنوڪر راند ۾ 16 سالن جي ڄمار ۾ عالمي چيمپيئن بڻجندڙ احسن رمضان حڪومت کان رڳو پنهنجي راند جي سرپرستي گهري آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تھ ننڍي عمر جي عالمي سنوڪر چيمپيئن احسن رمضان جا والدين ناهن رهيا، سندس سارا سنڀال ڀيڻ ڪئي آهي، پر هن جي دنيا هڪ ڪمري تائين محدود آهي، جتي سندس زندگي جو سڪون بھ آهي. هڪ انٽرويو ۾ هن جو چوڻ هو تھ حڪومت سرپرستي نھ ڪئي تھ پروفيشنل سنوڪر خاطر مان ملڪ ڇڏي انگلينڊ هليو ويندس. هن چيو تھ مون وٽ پيسا ناهن، چاهيان ٿو تھ ڪنهن ڊپارٽمينٽ ۾ نوڪري ڏني وڃي تھ جيئن راند کيڏي سگهان.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button