رانديون

پاڪستان اولمپڪس ايسوسيئيشن جي صدر کان استعيفيٰ طلب

اسلام آباد (اسپورٽس نيوز) ٽوڪيو اولمپڪس 2021ع ۾ پاڪستاني رانديگرن جي خراب ڪارڪردگي واري معاملي تي احتساب وارو عمل شروع ٿي ويو آهي. ان سلسلي ۾ حڪومت پاڪستان اولمپڪس ايسوسيئيشن جي صدر سيد عارف حسن کان استعيفيٰ طلب ڪري ورتي آهي. ميڊيا مطابق ٽوڪيو اولمپڪس 2021ع جي ايونٽ ۾ پاڪستاني رانديگرن جو جٿو خاص ڪارڪردگي ڏيکارڻ ۾ ناڪام ٿي ويو هو، جنهن تي حڪومت ڪاروايون شروع ڪيون آهن. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ بين الصوبائي رابطن جي وزارت لکت ۾ جواب داخل ڪرائيندي اولمپڪس تنظيم اندر کنيل قدمن بابت آگاهي ڏني آهي. لکت ۾ جمع ڪرايل جواب ۾ بين الصوبائي وزارت ڄاڻايو آهي تھ حڪومت تنظيم جي صدر ليفٽيننٽ رٽائرڊ سيد عارف حسن کي عهدو ڇڏڻ جو حڪم ڏنو آهي. جڏهن تھ وزارت جو اهو پڻ چوڻ هو تھ هن معاملي ۾ حڪومت بنا سبب يا اجايو ڪابھ مداخلت ڪرڻ جو ارادو نٿي ڪرڻ چاهي. ياد رهي تھ ايونٽ ۾ پاڪستاني رانديگر ڪوبھ ميڊل کٽي نھ سگهيا هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button