رانديون

حسن علي جي خطرناڪ بالنگ لنڪا شائر کي کٽرائي ڇڏيو

ڪائونٽي چيمپيئن شپ جي مقابلن ۾ پاڪستان جي ڪرڪيٽر حسن علي جي خطرناڪ بالنگ لنڪا شائر کي کٽرائي ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق انگلش ڪائونٽي جي ميچ لنڪا شائر ۽ گلوسيسٽر شائر جي وچ ۾ کيڏي وئي، جنهن ۾ لنڪا شائر هٿان اننگز ۽ 57 رنسن تان گلوسيسٽر کي شڪست ملي آهي. ميچ دوران حسن علي پهرين اننگز ۾ 6 ۽ ٻي ۾ 3 وڪيٽون وٺي ٽيم کي ڪاميابي ڏياري. جڏهن تھ بيٽرن مان وري جوش بوهنن 231 ۽ ڊين ولاس 109 رنسن جي اننگز کيڏي پاڻ مڃايو آهي. لنڪا شائر پهرين اننگز 7 وڪيٽن تي 556 رنسن سان ڊڪليئر ڪئي. جڏهن تھ گلوسيسٽر پهرين اننگز ۾ 252 ۽ ٻي ۾ 247 رنسون ٺاهيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button