رانديون

پاڪستان هاڪي ٽيم جي پرفارمنس سڌارڻ جي ڏس ۾ چوٿون پرڏيهي ڪوچ مقرر

پاڪستان هاڪي ٽيم جي پرفارمنس سڌارڻ لا چوٿون پرڏيهي ڪوچ مقرر ڪيو ويو آهي. ميڊيا مطابق ملڪ جي هاڪي فيڊريشن پهريون ڀيرو قومي هاڪي ٽيم جي ڪارڪردگي ۾ سڌارا آڻڻ خاطر هڪ ئي وقت چار پرڏيهي ڪوچ مقرر ڪيا آهن، جن ۾ هيڊ ڪوچ سيگفرائيڊ ايڪمين، گول ڪيپر ڪوچ باب جان ويلڊيف ۽ فزيڪل ٽرينر بيري بعد پينلٽي ڪارنر ڪوچ رچرڊ سنيچر رکيو ويو آهي، جن مان نئون ڪوچ رچرڊ سنيچر ڪجهه ڏينهن ۾ ٽيم کي جوائن ڪري وٺندو. هوڏانهن پرڏيهي ڪوچن جي مقرري بابت پاڪستان هاڪي فيڊريشن جي سيڪريٽري آصف باجوا جو چوڻ آهي تھ هاڪي ٽيم کي ماڊرن ڪوچنگ سان جوڙڻ چاهيون ٿا، تنهنڪري چار پرڏيهي ڪوچ ٽيم جي حوالي سان رکيا آهن. هن چيو تھ يورپ جو دورو انتهائي اهم آهي، ورلڊ ڪپ ۾ ڪواليفائي ڪرڻ ۽ ڪاميابي حاصل ڪرڻ هدف بڻايو ويو آهي ۽ اهو هدف ماڻڻ خاطر ڪوچز پرڏيهي رکيا آهن. ياد رهي تھ هيڊ ڪوچ، گول ڪيپر ڪوچ ۽ پينلٽي ڪارنر ڪوچ هالينڊ مان آهن ۽ رڳو فزيڪل ٽرينر بيري آسٽريليا مان آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button