رانديون

مشتاق احمد ياد ڪرڻ تي جوز بٽلر جو شڪريو ادا ڪيو

لاهور: قومي ٽيم جي اڳوڻي ٽيسٽ ڪرڪيٽر مشتاق احمد انگلينڊ جي جارحاڻي بيٽسمين جوز بٽلر کي ياد ڪرڻ تي سندس شڪريو ادا ڪيو آهي. پنهنجي پيغام ۾ ليگ اسپنر مشتاق احمد چيو ته مان شڪرگذار آهيان ته جوز بٽلر هڪ انٽرويو ۾ منهنجو نالو کنيو. 6 سال انگلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪوچنگ ڪئي، بٽلر کي اڄ به ياد آهيان، جنهن لاءِ مان هن جو شڪرگذار آهيان. جوز بٽلر هڪ انٽرويو ۾ مشتاق احمد جو حوالو ڏيندي چيو ته هن آف اسٽمپ تي ڇڪا هڻڻ کي ترجيح ڏني هئي. هن چيو ته آف سائڊ تي ڇڪا هڻڻ ۾ مشتاق احمد منهنجي مدد ڪئي هئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button