روس کان آئيس هاڪي ورلڊ ڪپ جي ميزباني کسجي وئي، جنهن جو سبب روس تي حملو ڄاڻايو ويو آهي. ميڊيا مطابق يوڪرين تي فوجي حملي بعد روس خلاف پابندين جو سلسلو اڃا تائين ختم نھ ٿي سگهيو آهي. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ ايونٽ 5 کان 21 مئي تائين روس ۾ ٿيڻو هو، نئين جڳهه جو اعلان جلد ڪيو ويندو، جيڪو فن لينڊ ۾ ايندڙ مهيني ٿيندڙ ڪانفرنس ۾ ٿيندو. هوڏانهن انٽرنيشنل هاڪي فيڊريشن بيان ۾ ڄاڻايو آهي تھ، يوڪرين تي حملي سبب روس 2023ع ۾ رٿيل ورلڊ ڪپ جي ميزباني نٿو ڪري سگهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close