رانديون

جرمن ٽينس اسٽار بورس بيڪر تي ملڪيت لڪائڻ جو الزام ثابت، جيل حوالي

جرمن ٽينس اسٽار بورس بيڪر تي ملڪيت لڪائڻ جو الزام ثابت ٿيڻ بعد کيس جيل حوالي ڪيو ويو آهي. ميڊيا مطابق لنڊن جي عدالت اڳوڻي نمبر ون ٽينس رانديگر بورس بيڪر کي اڍائي سال قيد جي سزا ٻڌائي آهي، جنهن مان هو اڌ سزا جيل ۾ ۽ اڌ سزا لائسنس تي ڪٽيندو. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ عدالت ۾ بورس بيڪر مٿان پاڻ کي ڪنگال ظاهر ڪري ڪروڙين رپين جي ملڪيت لڪائڻ جو الزام ثابت ٿيو آهي، جنهن تحت هن 2017ع ۾ ڪنگال ٿيڻ بعد ٻن اڳوڻين زالن کي وڏي رقم منتقل ڪئي. عدالت جي جج ڪيس ۾ سزا ٻڌائيندي رمارڪس ڏنا تھ، اوهان کي ڏوهه تي پڇا ناهي، نھ ان جو اعتراف ڪيو ۽ نھ اوهان ۾ ڪا عاجزي نظر اچي پئي. بورس بيڪر پنهنجي بيان ۾ چيو تھ، خبر ناهي منهنجون ڪجهه ٽرافيون ڪٿي آهن، مون برطانوي واپارين کان وياج تي رقم وٺي ڪنگال ٿيڻ کان بچڻ چاهيو ٿي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button