رانديون

عيد تي تمام گهڻي خريداري ڪندي آهيان: عاليا رياض

پاڪستان جي ويمنز ڪرڪيٽ ٽيم جي آل رائونڊر عاليا رياض چيو آهي تھ، عيد تي تمام گهڻي خريداري ڪندي آهيان، ڇوتھ باقي ڏينهن ۾ ان جو وقت ناهي ملندو. هڪ انٽرويو دوران ڳالهائيندي هن ٻڌايو تھ ڪرڪيٽ ۾ سڄو سال مصروف رهڻ سبب مان عيد تي ئي خريداري ڪيان ٿي. هن جو چوڻ هو تھ عيد جي ڏهاڙن ۾ اڳي سئوٽن ۽ ماساتن سان گڏ هوندي هيس، پر هاڻ ان جو وقت ناهي ملندو. هن چيو تھ هن ڀيري عيد تي پاڪستان ۾ آهيان تھ ڪوشش ڪنديس تھ عيد جا سڀئي ڏينهن گهرڀاتين ۽ مائٽن سان گڏ گذاريان. هن چيو تھ کاڌو شوق سان کائيندي هايان، پر اهو پاڻ پچائڻ ۾ دلچسپي نٿي رکان.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button