رانديون

انڊر 19 ٽورنامينٽ 21 مئي کان 4 جون تائين ڪرائڻ جو اعلان

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ سٽي ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن انڊر 19 ٽورنامينٽ 21 مئي کان 4 جون تائين ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق پاڪستان جي ڪيترن ئي شهرن ۾ هڪ ئي وقت کيڏجندڙ ٽورنامينٽ ۾ 93 ٽيمون شريڪ ٿينديون. جڏهن تھ سٽي ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن ٽورنامينٽ 50 اوورن تي ٻڌل هوندي، جنهن ۾ نوجوان ڪرڪيٽر پاڻ ملهائيندا. ٽورنامينٽ ۾ بلوچستان، پنجاب ناردرن، سدرن کي 3،3 ۽ سنڌ، ڪي پي ڪي، سينٽرل پنجاب کي 4،4 گروپن ۾ ورهايو ويو آهي. اهڙي ريت هر ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن ۾ شامل هر سٽي ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن جي ٽيم ٽورنامينٽ ۾ شامل هوندي، جنهن ۾ هر ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن ڌار ڌار فاتح هوندي. جڏهن تھ هن ايونٽ ۾ پرفارم ڪندڙ رانديگر انڊر 19 ٿري ڊي، انڊر 19 ون ڊي ۽ جونيئر ليگ ۾ کيڏي سگهندا. ٽورنامينٽ جي اسڪواڊز جو اعلان جلد ٿيندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button