ڪائونٽي چيمپيئن شپ جي هڪ وڏي ميچ ۾ ٽيمن جبل جيڏو وڏو اسڪور ڪيو، پر ان هوندي بھ راند بنا نتيجي ختم ٿي وئي آهي. ميڊيا مطابق ڪائونٽي ٽيم سري جي جيمي سمٿ 234 ۽ جارڊن ڪلارڪ 137 رنسن سان اسڪور 603 تي پهچائي ڪاميابي جي اميد جاڳائي، پر گلوسيسٽر شائر جي بيٽرن مان ڪرس ڊينٽ 207 ۽ مارڪس هيرس 124 رنسون ٺاهيون، جنهن بعد مجموئي اسڪور 443 رنسن تي گلوسيسٽر 2 وڪيٽون وڃايون تھ وقت ختم ٿي ويو ۽ ميچ بنا نتيجي ختم ٿي وئي. جڏهن تھ پاڪستان جي محمد عامر ميچ ۾ ڪا وڪيٽ نھ ورتي آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close