رانديون

گريس موت جي 107 سالن بعد رنسن ۽ وڪيٽن کان محروم

ڪرڪيٽ جي دنيا ۾ سپر اسٽار طور ڄاتو ويندڙ ڊبليو جي گريس کي موت جي 107 سالن بعد 685 رنسن ۽ 67 وڪيٽن کان محروم ڪيو ويو آهي. ميڊيا مطابق ڪرڪيٽ جا انگ اکر ڏيندڙ وزڊن ويب سائيٽ ڊبليو جي گريس جي ڪيريئر مان 685 رنسن ۽ 67 وڪيٽن کي ختم ڪيو آهي، جنهن بابت وزڊن جو چوڻ آهي تھ اهي رنسون انهن 10 ميچن جون آهن، جن کي فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ جي حيثيت مليل نھ هئي. وزڊن موجب ڊبليو جي گريس 1865ع کان 1908ع تائين 50 هزار کان وڌيڪ رنسون ٺاهيون ۽ 800 کان مٿي وڪيٽون ورتيون، جن مان ڄاڻايل انگ اکر ڪٽيا ويا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button