رانديون

بين اسٽوڪس ڇڪن ۽ چوڪن جي برسات وسائي ڇڏي

انگلينڊ جي ٽيسٽ ٽيم جي نئين ڪپتان بين اسٽوڪس ڪائونٽي چيمپيئن شپ ۾ ڇڪن ۽ چوڪن جي برسات وسائي ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق ڪائونٽي شپ ۾ درهم جي نمائندگي ڪندي بين اسٽوڪس 17 ڇڪا ۽ 8 چوڪا هنيا آهن. هن هڪ اننگز ۾ بالرن کي ڪٽيندي 126 بالن تي 161 رنسون ٺاهيون. جڏهن تھ بين اسٽوڪس هڪ اوور ۾ 5 ڇڪا هڻي ويو، رڳو 65 بالن تي سنچري ٺاهي ورتي، جنهن بعد هو فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ ۾ وڌيڪ ڇڪا هڻندڙ ٻيو نمبر پليئر بڻجي ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button