رانديون

آمريڪا ۾ ون ڊي ليگ ميچن جي ٽڪيٽ 10 ڊالرن ۾ ملندي

آمريڪا ۾ پهريون ڀيرو ٿيندڙ ورلڊ ڪپ ون ڊي ليگ ميچن جي ٽڪيٽ 10 ڊالرن ۾ ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. ميڊيا مطابق يو ايس اي ڪرڪيٽ ملڪ جي پهرين ايونٽ ۾ تماشائي آڻڻ خاطر سستي ٽڪيٽ ڏيندي. ڪرڪيٽ آمريڪا جي جاري ڪيل بيان موجب ورلڊ ڪپ ون ڊي ليگ جي ڏس ۾ رٿيل ميچون ڏسڻ ايندڙ 16 سالن جي ڄمار کان گهٽ عمر وارن ٻارن کي ٽڪيٽ مفت ۾ ملندي. جڏهن تھ بورڊ جي ميمبرن کي 15 سيڪڙو رعايت هوندي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تھ ٽيڪساس ۾ 28 مئي کان ٿيندڙ 12 ميچن ۾ نيپال، يو اي اي، اسڪاٽ لينڊ ۽ اومان شريڪ ٿيندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button