رانديون

سرباز خان 10 بلند ترين چوٽيون فتح ڪندڙ پهريون پاڪستاني بڻجي ويو

پاڪستان جو جبل چاڙهو سرباز خان 10 بلند ترين چوٽيون فتح ڪندڙ پهريون پاڪستاني بڻجڻ جو اعزاز حاصل ڪري ورتو آهي. ميڊيا مطابق پاڪستاني جبل چاڙهو سرباز خان 8 هزار ميٽر کان وڌيڪ بلند 10 چابلو چوٽيون چڙهي وڏو اعزاز پنهنجي نالي ڪيو آهي. سرباز خان گلگت بلتستان ۾ واقع 8 هزار ميٽر کان مٿي بلند چوٽي ڪنچن جونگا کي فتح ڪري جهنڊو کوڙيو. ٻڌايو وڃي ٿو تھ، سرباز خان صبح جو 7 وڳي نيپال پاسي منگما جي اڳواڻي ۾ سفر شروع ڪيو ۽ ٽيم سان گڏ 8 هزار 586 ميٽر بلند چوٽي کي فتح ڪري ورتو.

پاڪستاني جبل چاڙهو سرباز خان چوٽي فتح ڪرڻ بعد جهنڊو ڏيکاريندي

سرباز خان دنيا ۾ موجود 14 بلند ترين جابلو چوٽين مان باقي 4 بچايون آهن. هن ساٿ ڏيڻ تي قوم جو ٿورو مڃيو آهي. هوڏانهن ڪنچن جونگا ٽوئر جي انچارج سعد منور جو چوڻ آهي تھ پاڪستاني جبل چاڙهن کي اڳي چوٽيون فتح ڪرڻ جو موقعو نھ ملندو هو، پر هاڻ اهي اڳتي وڌن پيا، سفر جاري آهي ۽ اسين سڄي دنيا ۾ وينداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button